بجلي جي بلن سان گڏ ٽيڪس گڏ ڪرڻ. واپارين لاءِ وڏي خبر

اسلام آباد: واپارين کان بجلي جي بلن سان گڏ ٽيڪس وصول ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ بجلي جي بلن ۾ واپارين لاءِ نئون ڪالم به تجويز ڪيو ويو آهي تفصيل موجب 35 لک واپارين کي ڪوٽا ۾ آڻڻ لاءِ اسڪيم جا تفصيل تيار ڪيا ويا آهن ذريعن ٻڌايو آهي ته واپارين کان بجلي جي بلن سان گڏ ٽيڪس وصول ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، بجلي جي بلن ۾ واپارين لاءِ نئون ڪالم متعارف ڪرائڻ جي به تجويز آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس وصولي اصل دڪان مالڪ بدران دڪان تي ڪاروبار ڪندڙ صارفين کان ٿيندي، واپارين جي سالياني آمدني کي 12 حصن ۾ ورهايو ويندو ڪاروباري طبقي کان مهيني جي بنياد تي بجلي جي بل ذريعي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو منصوبو آهي، تجويز ڪيل اسڪيم کي نئين مالي سال جي بجيٽ کان اڳ آندو وڃي ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪيم تي عملدرآمد لاءِ نئين اتحادي حڪومت کان گرين سگنل جو انتظار آهي، آءِ ايم ايف کي تجويز ڪيل پلان بابت آگاهه ڪيو ويو آهي