بجلي جي بلن ۾ واڌ عوام جي صبر جو پيمانو لبريز ڪري ڇڏيو. لاهور، ڪراچي، راولپنڊي، گوجرانوالا ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن ڪراچي ۾ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ تي جماعت اسلامي ۽ واپارين ڪي اليڪٽرڪ خلاف سخت احتجاج ڪيو، جڏهن ته راولپنڊي ۾ مظاهرين ڪميٽي چوڪ تي جمع ٿيا، مظاهرين بجلي جي بلن کي باهيون ڏيندي حڪومت کان بجلي تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ شهري وڌيڪ بلن خلاف روڊن تي اچي ويا، ليسڪو خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. شهرين احتجاج طور بجلي جي بلن کي باهيون پڻ ڏنيون. تله گنگ ۾ ٽريفڪ چوڪ کي بلاڪ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. احتجاج ۾ واپاري، سياسي، سماجي، وڪيل، ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي گوجرانوالا ۾ مهانگي بجلي جي بلن خلاف مظاهرين گيپڪو آفيس جو گهيراءُ ڪيو. جهانيان ۽ مانگا منڊي ۾ شهرين بجلي جا بل کڻي واپڊا اختيارين ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، مظاهري دوران بجلي جي بلن کي باهه ڏني وئي پشاور ۾ مظاهرين بجلي جي بلن ۾ واڌ برداشت نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏيندي حڪومت کان ريليف گهري ورتو. نارووال، اٽڪ، سرگودها ۽ هري پور سميت ٻين شهرن ۾ به مهانگي بجلي تي شهري روڊن تي نڪري آيا ۽ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو شهرين چيو ته مهانگائي جي هن دور ۾ بجلي جي بل ۾ اضافو عوام جي برداشت کان ٻاهر ٿي ويو آهي. غريب عوام ٻن وقتن جي ماني پوري ڪري يا بجلي جا ڳرا بل جمع ڪرائي. شهرين مطالبو ڪيو ته فوري طور تي بجلي جي قيمتن ۾ لاٿ ڪري ڳرا ٽيڪس ختم ڪيا وڃن.