بجلي جي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف عوام جو صبر جواب ڏئي ويو، مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

بجلي جي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ ڳرن ٽيڪسز خلاف عوام جو صبر جواب ڏئي ويو، مختلف شهرن ۾ واپاري برادري سميت عام شهري روڊن تي نڪري آيا ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بجلي جي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي. ڌرڻن سبب سنڌ، پنجاب جي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي. مهانگائي سٽيل ماڻهن بجلي جي بلن کي باهيون ڏئي ڇڏيون آهن. سنڌ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان سميت آزاد ڪشمير ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا سکر جي رهواسين گهنٽا گهر چوڪ تي شاميانا هڻي سيپڪو خلاف ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. حيدرآباد ۾ به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. بهاولپور ۾ مظاهرين سنڌ پنجاب کي ملائيندڙ قومي شاهراهه کي بلاڪ ڪري ڇڏيو اميدن کان وڌيڪ بجلي جا بل اچڻ تي لاهور جي عوام به روڊن تي نڪري آئي، شاهده جي رهواسين بجلي جي بلن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو. مظاهرين مهانگي بجلي ڏيڻ تي حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. رسالپور ۾ عوام بجلي جي ڳرن بلن خلاف سراپا احتجاج آهن. عوام مردان، نوشهره، جي ي روڊ مڪمل طور تي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو. بجلي جي بلن خلاف واپارين دوڪانون بند ڪري ڇڏيون مڇريل مظاهرين واپڊا، پيسڪو ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين چيو ته بجلي جي ڳرن بلن عوام جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. حڪومت بجلي جي بلن مان ٽيڪس ڪٽوتيون ختم ڪري ريليف نه ڏنو ويو ته ملڪگير احتجاج ڪيو ويندو فيصل آباد ۾ به بجلي جي بلن خلاف شهرين شيخو پوره روڊ تي احتجاج ڪندي روڊ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. مظاهرين بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪندي فيسڪو خلاف سخت نعريبازي ڪئي. جڏهن پنجاب جي مختلف شهرن، صادق آباد، حجره شاهه مقيم، اوڪاڙه، قصور، مالاڪنڊ ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاج جو سلسلو جاري آهي مظاهرين جو چوڻ آهي ته 2 پکا ۽ هڪ سيور استعمال ڪرڻ تي به 16 هزار جو بل اچي رهيو آهي؟ ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن. 20 کان 25 هزار پگهار کڻندڙ يا روزانو هزار روپيه ڪمائيندڙ پورهيت 30 کان 40 هزار جو بل ڪيئن ادا ڪندو جيڪڏهن پورهيت بجلي جو بل ادا ڪري ٿو ته پنهنجن ٻچڙن کي ڇا کارائيندو. مظاهرين فوري طور تي ڻگران حڪومت کان بجلي جي بلن ۾ واڌ جو اعلان واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.