پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز جو سنڌ جي وڏي وزير طرفان بجلي جي قيمت ۾ رليف کي بيوقوفي چوڻ تي رد عمل سامهون اچي ويو. مريم نواز لاهور ۾ سموري صوبي جي پوزيشن هولڊر شاگردن جي اعزاز ۾ وزيراعليٰ هائوس تقريب ڪوٺائي جنهن ۾ ان جي والدين ۽ ٽيچرز کي به گهرايو ويو. مريم نواز پوزيشن هولڊرز کي روڪ انعام، ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ به ڏنا. انهي موقعي تي مريم نواز خطاب ڪندي شاگردن کي والدين ۽ استادن جي خدمت ۽ احترام ڪرڻ جي تلقين ڪئي هن چيو ته هي هوشيار شاگرد اسان جي ملڪ جو سرمايو آهن. پنجاب ۾ بجلي جي قيمت ۾ 14 روپيه في يونٽ گهٽتائي جي باري ۾ ٻڌائيندي هن چيو ته 2 مهينن جي لاءِ بلز ۾ رليف ڏنو آهي، گهٽ ۾ گهٽ 2 مهينا ته عوام جا سڪون سان گذرندا. اهو ڊگهي وقت جو ته رليف ناهي انهي کان پوءِ اسان وڏو شمسي توانائي جو منصوبو آڻي رهيا آهيون جيڪو هميشه جي لاءِ صارفين کي وڌيڪ بلز مان ڇوٽڪارو ڏياريندو. سنڌ جي وڏي وزير طرفان بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي کي بيوقوفي قرار ڏيڻ تي رد عمل ظاهر ڪندي مريم نواز چيو ته ڪنهن لفظ استعمال ڪيا آهن ته اها بيوقوفي آهي، جنهن تي مون کي به کل آئي. مريم نواز پ پ جي سنڌ حڪومت کان سوال ڪيو ته ڪرپشن جو پئسو کيسي ۾ وجهڻ، پروٽوڪول، جهازن، هيلي ڪاپٽرز، گاڏين جي قافلن تي پئسا خرچ ڪرڻ بيوقوفي ناهي، باقي عوام کي رليف ڏيڻ بيوقوفي آهي جيڪڏهن عوام کي 2 مهينن جو رليف به ملي ويندو ته اها منهنجي لاءِ خوشي جوڳي ڳالهه آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته مون کي انهي ڳالهه جو ڏک آهي، مان ته چاهيان ٿي ته پوري پاڪستان کي رليف ملي، پنجابي بعد ۾ پهريان پاڪستاني آهيان، پنجاب ۾ رليف ڪنهن تحفي ۾ مون کي ناهي ڏنو.