بجلي جي قيمت ۾ 2 روپيه 83 پئسا في يونٽ اضافو، نوٽيفڪيشن جاري

 نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) مهانگائي جي ماريل عوام تي بجلي بم ڪيرائيندي بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي آهي. نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمت ۾ 2 روپيه 83  پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي، بجلي جي قيمتن ۾ اضافو مارچ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ هڪ مهيني جي لاءِ ڪيو ويو آهي بجلي جي قيمتن ۾ اضافو هلندڙ مهيني جي بجلي جي بلن تي هوندو. قيمتن ۾ اضافو لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي نه هوندو. بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ڏني هئي جنهن کان پوءِ نيپرا واڌ جو اعلان ڪيو آهي.ياد رهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سان صارفين تي 26 ارب روپين جو اضافي بار پوندو.