ڪراچي: ملڪ سميت ڪراچي جي صارفين لاءِ به بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 19 پيسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي. اها واڌ اپريل 2026ع جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.وٽيفڪيشن موجب ماهوار ايڊجسٽمينٽ جو اطلاق K-Electric جي صارفين تي پڻ ٿيندو، جڏهن ته اضافي رقم جون2026ع جي بجلي بلن ۾ وصول ڪئي ويندي.رپورٽن موجب Central Powr Purchasing Agency (سي پي پي اي) اپريل جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ هڪ رپيو 73 پيسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي.ٻئي طرف وفاقي وزير توانائي Awais Leghari اعتراف ڪيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ فڪسڊ چارجز اڳ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻا ٿي ويا آهن.هڪ ٽي وي پروگرام دوران ڳالهائيندي هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ شامل فڪسڊ ڪاسٽ سڄو سال هڪجهڙي رهندي آهي، جڏهن ته وڌيڪ يونٽ استعمال ٿيڻ جي صورت ۾ ان جو تناسب گهٽ محسوس ٿيندو آهي. سندس چوڻ هو ته اڳ فڪسڊ ڪاسٽ بل جي 3 کان 4 سيڪڙو هوندي هئي، جيڪا هاڻي وڌي 10 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.وزير توانائي دعويٰ ڪئي ته گهريلو صارفين لاءِ مجموعي طور بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ جيڪڏهن سبسڊي جاري رهي ته بجلي 5 کان 6 رپيا في يونٽ وڌيڪ سستي ٿي سگهي ٿي.