Central Power Purchasing Agency مئي 2026 جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت National Electric Power Regulatory Authority وٽ درخواست جمع ڪرائي آهي، جنهن موجب ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي بجلي واهپيدارن لاءِ بجلي 82 پئسا في يونٽ تائين مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.سي پي پي اي جي درخواست تي نيپرا 30 جون تي ٻڌڻي ڪندي. درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ واهپيدارن تي لڳ ڀڳ 12 ارب رپين جو اضافي مالي بار پئجي سگهي ٿو.درخواست موجب مئي 2026 دوران 12 ارب 63 ڪروڙ 80 لک يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي. ان عرصي ۾ بجلي جي سراسري فيول لاڳت 9 رپيا 25 پئسا في يونٽ رهي، جڏهن ته في يونٽ فيول لاڳت جو اندازو 8 رپيا 43 پئسا لڳايو ويو هو.
انگن اکرن موجب مئي مهيني ۾ بجلي جي پيداوار جو سڀ کان وڏو حصو پاڻي مان حاصل ٿيندڙ بجلي جو رهيو، جيڪو ڪل پيداوار جو 33.27 سيڪڙو هو. ان کانسواءِ مقامي ڪوئلي مان 11.66 سيڪڙو، درآمدي ڪوئلي مان 13.54 سيڪڙو ۽ فرنس آئل مان 0.16 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي۔