بجلي صارفين تي هڪ دفعو ٻيهر ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ جي نالي تي 144 ارب روپين جو اضافي بار وجهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي سرڪاري طور بجلي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي ڪندو جنهن ۾ چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ قيمتن ۾ واڌ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. بجلي جي قيمت ۾ واڌ جي صورت ۾ صارفين تي 144 ارب 68 ڪروڙ روپين جو اضافي بار پوڻ جو امڪان آهي فيسڪو طرفان 23 ارب، 49 ڪروڙ، گيپڪو طرفان 18 ارب 13 ڪروڙ روپين جو اضافو گهريو ويو آهي. حيسڪو طرفان 9 ۽ آئيسڪو به 9 ارب روپين جي اضافي جي درخواست ڏني آهي ليسڪو طرفان 31 ارب ۽ ميپڪو 26 ارب روپين کان وڌيڪ جو بار وجهڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. پيسڪو 9 ارب، ڪيسڪو 7 ارب، سيپڪو 5 ۽ ليسڪو 4 ارب روپين جو اضافو گهريو آهي ياد رهي ته بجلي جي قيمت ۾ لاڳيتو واڌ سان نه صرف شهري ذهني اذيت جو شڪار بڻجي رهيا آهن پر واپاري برادري به ان سلسلي ۾ حڪومتي پاليسي کان ناراض ٿيڻ کان پوءِ بجلي مهانگي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرن تي مجبور آهي.