بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو منصوبو: صارفين کان 122 ارب روپيه وصول ڪرڻ جون تياريون

حڪومت ايندڙ چئن مهينن دوران صارفين کان اضافي 122 ارب روپيه وصول ڪرڻ لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ 4.37 روپيه في يونٽ وڌيڪ اضافي جو منصوبو ٺاهيو آهي جنهن سان صارفين تي هلندڙ مالي سال دوران گڏيل اضافي بار 721 ارب روپيه ٿي ويندو سرڪاري دستاويزات ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مذڪوره اضافي کان علاوه سرڪلر ڊيٽ ۾ به 392 ارب روپين جو اضافو ٿيندو جيڪو بجيٽ سبسڊي ذريعي گهٽ ڪيو ويندو. 4.37 روپيه في يونٽ واڌ جو مقصد گردشي قرض کي ان جي موجوده 2.31 ٽريلين روپين جي سطح تي رکڻ آهي ڇو ته پاور ڊويزن جي بجلي چوري ۽ ٻين نقصانن کي روڪڻ ۾ ڪابه بهتري نظر نه اچي رهي آهي جنهن سبب گذريل مالي سال 236 ارب روپين جو اضافي نقصان ٿيو هو بجلي جي قيمت ۾ مذڪوره اضافو گذريل مالي سال جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ سبب ڪيو ويو آهي جيڪو سيپٽمبر کان ڊسمبر 2023 تائين صارفين کان وصول ڪيو ويندو توانائي ڊويزن جي هڪ عهديدار ٻڌايو ته نيپرا ايندڙ هفتي ٽيرف ۾ واڌ جي درخواست تي غور ڪندي، اضافو نيپرا جي فيصلي سان جڙيل هوندو. وفاقي ڪابينه ان کان پوءِ اضافي جي باري ۾ حتمي فيصلو ڪندو ذريعن موجب اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني(آئسڪو) جي بلن جي وصولي 55 سيڪڙو رهجي وئي آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ان کان اڳ حڪومت منصوبو ٺاهيو هو ته گردشي قرض گهٽ ڪري 2.128 ٽريلين روپين تائين آندو ويندو پر ناڻي واري وزارت گهٽتائي جي منصوبي کي غير حقيقي قرار ڏنو ۽ پاور ڊويزن تي زور ڏنو ته اهو گردشي قرض کي ان جي موجوده سطح 2.310 ٽريلين روپين تي رکڻ جي ڪوشش ڪري