ڪي اليڪٽرڪ سميت ٻين بجلي ڪمپنين طرفان صارفين ڏانهن ايوريج بل موڪلڻ ۽ 30 ڏينهن کان وڌيڪ اوور بلنگ اماڻڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي. نيپرا پاران شروع ڪيل جاچ ۾ ملڪ جي سمورين بجلي ڪمپنين تي اوور بلنگ ثابت ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ نيپرا طرفان بجلي ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو ويو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ هڪ ڪروڙ 39 لک صارفين جي ميٽرز جي ريڊنگ 30 ڏينهن کان وڌيڪ ڏينهن تي ورتي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپنين طرفان 30 ڏينهن کان وڌيڪ جي بلنگ ڪرڻ سان لکين واهپيدار متاثر ٿيا، خراب ميٽر وقت تي تبديل نه ڪرڻ سان بجلي ڪمپنين ايوريج بل اماڻيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بجلي ڪمپنين پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ ڄاڻي واري بدديانتي ڪئي ۽ بجلي ڪمپنين جي نااهلي سان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙن ڏانهن به واڌو بل اماڻيا ويا. نيپرا رپورٽ موجب اهڙن قدمن سان بجلي ڪمپنين کي بلن جي وصولي گهٽ رهي. نيپرا بجلي ڪمپنين کي نوٽيس اماڻي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي پنجاب جون پاور ڊسٽريبيوشن ڪمپنيون ايماندار بجلي صارفين کان اوور بلنگ جي ذريعي 675 ارب روپيه ساليانو غيرمنصفاڻه طور تي وصول ڪري رهيون آهن اهي ناجائز وصوليون پاور ڪمپنيون پنهنجي نااهلي ۽ غفلت سبب ٿيندڙ نقصان جي ڪري وصول ڪري رهيون آهن پاور ڊويزن جي سيڪريٽري راشد لنگڙيال صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بجلي صارفين جي لاءِ حڪومت 900 ارب روپين جي سبسڊي ڏني آهي پر حڪومت صرف 327 ارب روپيه ئي فراهم ڪري رهي آهي. جڏهن ته 573 روپيه بجلي صارفين کان وصول ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي اطلاعات بابت وزير مرتضيٰ سولنگي به موجود هو پاور ڊويزن جي سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته پنجاب جون پاور ڊسٽريبوشن ڪمپنيون(ميپڪو، فيسڪو، ليسڪو ۽ گيپڪو) پنهنجي نقصانن کي گهٽ ظاهر ڪرڻ لاءِ اوور بلنگ ذريعي صارفين کان ساليانو 100 ارب روپيه اضافي وصول ڪري رهيون آهن.