بجيٽ تي بحث لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو، اپوزيشن طرفان احتجاج جو فيصلو

 بجيٽ تي بحث لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي. عيدالاضحيٰ جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس جو 2 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت اڄ کان بجيٽ تي بحث جي شروعات ٿيندي. موجوده اجلاس ۾ فنانس بل منظوري لاءِ پيش ٿيندو. اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب بجيٽ تي بحث جي شروعات ڪندو. اپوزيشن بجيٽ منظوري جي دوران احتجاج ۽ هنگامو جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب بجيٽ تي بحث هڪ هفتي تائين جاري رهندو. ڇنڇر ۽ آچر تي به اجلاس جاري رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. حڪومت 28 جون تي قومي اسيمبلي مان بجيٽ منظور ڪرائيندي. حڪومتي ميمبرن کي بجيٽ اجلاس ۾ حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي بجيٽ منظوري تائين تڪن ۾ نه وڃڻ جو چيو ويو آهي.