پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ايندڙ بجيٽ بابت پيدا ٿيل ڊيڊ لاڪ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي چيئرمين Bilawal Bhutto Zardari بجيٽ معاملي تي حڪومت سان پاڻ سڌيون ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب بلاول ڀٽو پارٽي جي بجيٽ ڪميٽي کي حتمي فيصلو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ هو گلگت بلتستان مان واپسي بعد حڪومتي قيادت سان ملاقاتون ڪندو. پارٽي حڪومت کي به پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو جي وزيراعظم Shehbaz Sharif سان ملاقات جو امڪان آهي، جڏهن ته هو حڪومت جي بجيٽ ٽيم سان پڻ ڳالهين ڪندو. ان سلسلي ۾ سنڌ جو وڏو وزير ۽ پارٽي جي بجيٽ ڪميٽي بلاول ڀٽو جي مدد ڪندي.