بخشاپور جي هندو محلي م پراسرار بيماري سبب هڪ ئي گهر جا

تفصيل موجب بخشاپور جي هندو محلي م پراسرار بيماري سبب هڪ ئي گهر جا پيرسن پيءُ عظيم ڪوري سندس ماءُ مسمات سسئي ء ڇھ معصوم ٻارڙا قمبر علي وارث گلزار علي شفيق رابيا سميت ٻيا شامل آهن جيڪي پراسرار بيماري م مبتلا آهن معصوم ٻارڙن جو والد الهه تلهه وڪرو ڪري ٻارن کي ڏيکاريو پر ٻارن جي حالت نه سڌري ڇھ ٻارڙا معذور واري زندگي گذاري رهيا آهن ان موقعي تي معصوم ٻارڙن جي والدين محمد عظيم ڪوري ء سندس زال مسمات سسئي ڪوري چيو ته اسان جي هڪ ئي گهر جا ڇھ ٻارڙا بيمارين م مبتلا آهن جڏهن ته گهر جو سڄو سامان وڪڻي ڪري ٻارن جو علاج ڪرايو ويو پر ڪو به فائدو نه ٿيو هن وقت تائين معزوري واري زندگي گذاري رهيا آهن صحت کاتي وارا به اگھور ننڊ ستل آهن ڪيترائي ڀيرا اسپتال وياسين پر ڪجھ به علاج نه ٿيو هنن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مير شبير علي خان بجاراڻي مير غلام عابد علي خان سندراڻي امير تيمور خان ڊومڪي هتان جي چونڊيل نمائندن توڙي وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته منهنجي معصوم ٻارڙن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي مالي مدد ڪئي وڃي