بخشاپور : لڳ نامعلوم ھٿياربندن جو گهر تي فائرنگ ٽي معصوم ٻارڙا سخت زخمي اسپتال منتقل ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين م پراڻو مسئلو ھلي رهيو آهي

بخشاپور : ڀرسان ڳوٺ قطب الدين ڀٽو تي ھٿيار بند جو حملو 3 ٻارڙا گوليون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيا 13 سالا علام مصطفي ڀٽو 15 ڏينھن جو ذاڪر ڄاول ٻار ۽ 3مھينن آصف ڀٽو مصوم ٻار زخمي ٿي پيا زخمين کي وارث مياڻي تي کڻائي آيا جتان علاج لاء لٽر وٺي گڊو ۽ رحيم يار خان اسپتال نيو ويو جوابدار فرار ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي زخمين جا وارث استاد محمد صديق ڀٽو ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو ته رات وقت اسان جي ڳوٺ قطب الدين ڀٽو تي ذولفقار ڀٽو وارن حملو ڪيو آھي جنھن ۾ معصوم ٻار زخمي ٿي پيا آھي جڏھن ايس ايڇ او مياڻي خليل احمد رند ٻڌايو ته ڳوٺ تي حملو نه ٿيو آھي رولو گوليون لڳون آھن جنھن ٽي ٻارڙا زخمي ٿي پيا آھن واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو