بخشاپور ڀرسان ڀٽا برادري جو نوجوان ٽن ڏينهن کان گم وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر گهر م روڄ راڙو متل نوجوان گهر جي لاءِ سودو وٺڻ ويو

تفصيل موجب بخشاپور ڀرسان مياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميوو ڀٽو جي رھائشي اصغر علي ڀٽو ٽن ڏينهن کان گم وارثن پاران مختلف هنڌن تي ڳولا ڪرڻ جي باوجود به پتو نه پئجي سگهيو آهي وارث سخت پريشان وارثن موجب ته نوجوان اصغر علي ڀٽو ٽي ڏينهن اڳ گهر جي لاءِ سودو وٺڻ لاءِ نڪري ويو آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين واپس ڪو نه ٿيو آهي اسان نوجوان جي گم ٿيڻ جو مياڻي پوليس کي اطلاع ڏنو آهي پوليس به اسان جي مدد نه ٿي ڪري اسان کي شڪ آهي ته ڪٿي اغوا نه ٿيو هجي اسان ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان مطالبو ٿا ڪريون ته واقعي جو فوري طور نوٽيس وٺي اسان جي نوجوان کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي جڏهن ته نوجوان جي گھر م روڄ راڙو متل آهي