بخشاپور 4 ڏينھن اڳ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ شھيد ٿيل گبلو ٿاڻي جي وڏي منشي خالد حسين ابڙو جو ڪيس سرڪار پاران اي ايس آء شاد محمد بنگوار جي فرياد تي 25 ڄڻن تي گبلو ٿاڻي تي پوليس ۽ رينجرز تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو

جنھن ۾ گبلو ٿاڻي جو وڏو منشي خالد حسين شھيد ٿي ويو ۽ 2 رينجرر جا جوان زخمي تي پيا جوابدار بدنام ڌاڙيل الاھي بخش عرف خادو ڀيو جي چرچ تي سندس جي ساٿين عباس بنگوار رياض جاگيراڻي لاڏو ڀيو ميرل ڀيو اشرف ٻڍو امداد ۽ ٻيا شامل آھن جڏھن اڄ وري ھڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جنھن ۾ سردار احمد علي بنگوار جي وڏي پٽ نياز علي خان بنگوار سميت 40 بنگوار برادري جي ماڻھن جا نالا آھن سڀ کان پھريون نالو نياز علي خان بنگوار جو آھي جنھن کي بخشاپور پوليس ھٿ ۾ ڪليشن ڪوف ڏيکاري آھي ياد رھي ته گذريل رات به گبلو ٿاڻي تي 25 ڄڻن مٿان پوليس پاران ڪيس داخل ڪيو ويو ھو اڄ وري بخشاپور ٿاڻي تي نياز علي بنگوار سميت 40 ڄڻن تي وڏي منشي کي شھيد ڪرڻ رينجرز ۽ پوليس موبائيل تي حملو ڪري 2 رينجرز جا جوان زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ٽو ٽل 65 جوابدار آھن