سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه گولاڙچي ڀرسان شهر راهوڪي پهچي ويو جتي هن شهيد فاضل راهو جي گهر واري ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي محمد اسماعيل راهو جي امڙ جي وفات تي تعزيت ڪئي. انهي موقعي تي صوبائي وزير انرجي پلاننگ اينڊ ڊوالپمينٽ سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چولا پڻ ساڻس گڏ هئا. وڏي وزير جي راهوڪي پهچڻ جي موقعي تي پيپلز پارٽي ضلعي بدين جو صدر ڄام علي اصغر هاليپوٽو، محمد اسلم راهو پڻ موجود هئا.