بدين ۾ زمين جي تڪرار تان ڀائيٽي گوليون هڻي چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو، 2 ڄڻا زخمي

 بدين شهر جو نالي وارو  ڊاڪٽر عابد حسين  ميمڻ جيڪو ڪجھ وقت اڳ صحت کاتي بدين جو ملازم ھو نوڪري تان رٽائرمنٽ بعد نندو شھر ۾ پنھنجي ڪلينڪ تي ويٺل ھو جنهن دوران سندس ڀائيٽي سڪندر عرف پپو ميمڻ پسٽل سميت سندس ذاتي ڪلينڪ اندر داخل ٿي پسٽل جا سڌا فائر ڪري ڊاڪٽر عابد ميمڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، پسٽل جي چئن گولين مان ٻه گوليون ڊاڪٽر جي دل کي چيري ويون جنهن کان پوءِ نندو اسپتال ۾ فرسٽ ايڊ ڏيڻ  بعد کيس انڊس اسپتال روانو ڪيو پئِي ويو پر هو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو.ساڳئي جوابدار بعد ۾ ڊاڪٽر عابد ميمڻ جي ڀاء  حيدر علي ميمڻ کي به گھر ۾ داخل ٿي گوليون ھڻي سخت زخمي ڪرڻ بعد ڊاڪٽر عابد جي ڀائٽي شير باد ميمڻ کي به گوليون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو زخمين کي انڊس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي جتي سندن حالت خطري کان ٻاھر ٻڌائي پئي وحي ڊاڪٽر عابد جو لاش ضروري ڪاروائي بعد سندس گھر حوالي ڪيو ويو جتي سخت ڏک وارو ماحول ڇانيل آھي ڊاڪٽر عابد ميمڻ کي گوليون ھڻي قتل ڪندڙ جوابدارسڪندر علي عرف پپو ميمڻ  نندو ٿاڻي تي پيش ٿي ڏوھ جو اعتراف ڪري گرفتاري ڏيئي ڇڏي آھي جڏھن ته ٻن زخمين جو انڊس اسپتال بدين ۾ علاج ھلندڙ آھي.ٻڌايو پيو وڃي ته ڊاڪٽر عابد ميمڻ ۽ سندن ڀائيٽن ۾ زرعي زمين ۽ نندو شھر ۾ ڪجھ دوڪانن تي تڪرار ڪافي وقت کان ھلندڙ ھو صبح جو سوير زرعي زمين تي جوابدار سڪندر عرف پپو ۽ ڊاڪٽر عابد جي رشتيدارن ۾ جھيڙو ٿي پيو ھو ان بعد جوابدار مڇرجي اھڙي ڪاروائي ڪئي، ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار اڪثر اھي ڌمڪيون ڏيندو رھندو ھو ته ٻن ٽن کي ماري ان بعد سڪون سان ويهندس جنهن کان پوءِ هن اها ڪاروائي ڪري ڇڏي ڊاڪٽر عابد ميمڻ پنھنجي پويان ھڪ پٽ ڊاڪٽر شاهه رخ، ھڪ نياڻي ڊاڪٽر زهرا ميمڻ ۽ ھڪ بيواھ ڇڏي آھي.