بشام ۾ چيني شهرين جي قافلي تي حملي جي جاچ ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي سي ٽي ڊي حملي ۾ ملوث پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي چئن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پشاور جي سي ٽي ڊي ترجمان موجب جي آءِ ٽي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد سان گروپ جو پردو فارش ڪري ڇڏيو. حملي ۾ ملوث پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي چئن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن چيني قافلي تي حملي جو اعتراف ڪري ورتو. ترجمان ٻڌايو آهي ته 26 مارچ تي چيني انجنيئرز جي قافلي تي بشام ڀرسان حملو ٿيو هو جيڪي اسلام آباد کان داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ وڃي رهيا هئا، ڌماڪي سبب چيني قافلي کي کڻي ويندڙ بس 150 فٽ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي. انهي واقعي ۾ 5 چيني شهري ۽ پاڪستاني ڊرائيور مارجي ويا هئا.