بغاوت ڪيس: عمران خان جي ضمانت جي درخواست داخل

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ادارن کي بغاوت تي اکسائڻ واري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي اڄ ٻڌڻي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.عمران خان جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سڪيورٽي جا سنگين خطرا آهن، جنهن ڪري هڪ ٻي قاتلاڻي ڪوشش ٿي سگهي ٿي.درخواست ۾ عمران خان طرفان استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت ٽرائل ڪورٽ بدران پاڻ ئي عبوري ضمانت منظور ڪري.