بلاول ڀٽو سان پ پ پنجاب جي عهديدارن جي ملاقات، مريم نواز حڪومت خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا

 بلاول ڀٽو زرداري جي پيپلز پارٽي پنجاب جي عهديدارن سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ پ پ پنجاب جي عهديدارن مريم نواز حڪومت جي خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، ميمبرن شڪايتون ڪيون ته پنجاب حڪومت نه اسيمبلي ميمبرن کي اهميت ڏئي ٿي ۽ نه ئي وري بيورو ڪريسي سان تعاون ڪري رهي آهي، لڳي ٿو ته پنجاب جي انتظاميه کي پ پ جي باري ۾ خصوصي هدايتون مليون آهن پ پ پنجاب جي اسيمبلي جي ميمبرن کي ترقياتي ڪم  به نه پيا ڏنا وڃن. پ پ جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت لکت ۾ ڪيل معاهدن تي اڳڀرائي نه ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو پ پ پنجاب جا خدشا وزيراعظم شهباز شريف جي سامهون رکي.  ملاقات دوران بلاول ڀٽو پ پ پنجاب جي ميمبرن جا خدشا نوٽ ڪندو رهيو. بلاول ڀٽو پنجاب حڪومت جي رويي تي حيرانگي ۽ پريشاني جو اظهار ڪيو ۽ پ پ پنجاب جا خدشا وزيراعظم تائين پهچائڻ جو يقين ڏياريو. ٻئي طرف بلاول ڀٽو جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات اڄ شام جو ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف بلاول ڀٽو جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو. بلاول ڀٽو ملاقات ۾ لکت واري معاهدي تي عمل ڪرائڻ ۾ دير جو معاملو وزيراعظم جي سامهون اٿاريندو. بلاول ڀٽو پنجاب جي پارٽي اڳواڻن جي خدشن کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪندو.