پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته آصف زرداري جيڪو چيو ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي سکر ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي خورشيد شاهه چيو ته بلاول ڀٽو وزيراعظم جو اميدوار آهي، جيڪو آصف زرداري چيو آهي ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. فيصلو سي اي سي ڪندي آهي جيڪڏهن آصف زرداري اعلان ڪندو ته طريقيڪار تبديل ٿي ويندو. ان سبب ڪري آصف زرداري ائين چيو آهي ته هو اميدوار نه آهي خورشيد شاهه چيو ته ميان صاحب 2014 ۾ سلوگن ڏنو هو ووٽ کي عزت ڏيو، ڇا اوهان ڏئي رهيا آهيو؟ اوهان جا ماڻهو ته چئي رهيا آهن ته اسان اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو آهيون ۽ اسٽيبلشمينٽ اسان سان گڏ آهي اهو ووٽ کي عزت ڏيو جو نه پر پارٽي جو مسئلو آهي پ پ اڳواڻ چيو ته اسان نظرياتي سياست ڪندا آهيون ۽ اسان جي اڳواڻن جيڪي واعدا ڪيا اهي مڪمل ڪيا آهن. ڪابه ٻئي پارٽي ٻڌائي ته انهن پنهنجي منشور تي عمل ڪيو آهي خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم اقتدار ۾ رهي هاڻ ووٽ لاءِ وڃي وڃي رهي آهي ته ڪجهه ڊرامو ته ڪندي ڪراچي اسان جو ۽ اسان ڪراچي جا آهيون. ڳالهين دوران خورشيد شاهه صاف شفاف چونڊن کي اليڪشن ڪميشن لاءِ چيلينج قرار ڏئي ڇڏيو.