ڪوئيٽا: بلوچستان جي بارکان ضلعي ۾ ٽيڻي قتل جي معاملي جي جاچ لاءِ بلوچستان حڪومت گڏيل جاچ ٽيم جوڙي ورتي آهي، جي آءِ ٽي 30 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ حڪومت کي پيش ڪندي.ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جي آءِ ٽي، ڊي آءِ جي پوليس لورالائي رينج جي سربراهي ۾ جوڙي وئي آهي، جي آءِ ٽي ۾ ايس ايس پي انويسٽي گيٽشن ڪوئٽا، اسپيشل برانچ بارکان جو نمائندو ۽ ڊپٽي ڪمشنر بارکان ميمبر طور شامل هوندا.مقتولن جا لاش رکي ڌرڻو بلوچستان واقعي ۾ قتل ٿيل ضلعي ڪوهلو مان آندل عورت سميت ٽئي لاش ڪوئيٽا ۾ ريڊ زون ويجهو فياض سنبل چوڪ پهچايا ويا آهن ۽ مظاهرين لاشن سان گڏ چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويٺا آهن. مظاهرين جو مطالبو آهي ته آهي ته بارکان ۾ قتل کانپوءِ کوهه ۾ اڇلايل ماڻهن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.ڌرڻي ۾ مقتولن جا وارث ۽ مٽ مائٽ ۽ مري اتحاد جا ماڻهو به شامل آهن، جن جو مطالبو آهي ته عورت ۽ ان جي ٻن ٻارن جي قتل جو ڪيس صوبائي وزير سردار عبدالرحمان کيتران خلاف داخل ڪيو وڃي، کيس گرفتار ڪيو وڃي ۽ متاثر خاندان سان انصاف ڪيو وڃي.احتجاج ڪندڙن جو اهو به مطالبو آهي ته خانگي جيل ۾ قيد ٻين پنج ٻارن کي بازياب ڪرايو وڃي، وزيراعظم ان واقعي جو نوٽيس وٺي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان پاڻ مرادو نوٽيس وٺي.(بلوچستان اسيمبلي:)بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ بارکان واقعي ۾ عورت ۽ ان جي ٻن پٽن جي قتل واري واقعي جي مذمت ڪئي وئي ۽ اسيمبلي ميمبرن مطالبو ڪيو ته ان افسوسناڪ واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، بلوچستان حڪومت جي ذميواري آهي ته ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.قائم مقام اسپيڪر سردار بابر موسيٰ خيل جي صدارت هيٺ ٿيل اسيمبلي جي اجلاس ۾ بارکان ۾ قتل ٿيندڙ ٽن ماڻهن جي ثواب لاءِ فاتحه پڙهي وئي، ان موقعي تي تعليم واري صوبائي وزير چيو ته نصيب الله مري جو چوڻ هو ته بارکان واقعو هڪ دل ڌوڏيندڙ واقعو آهي، ڪيترن ئي ڏينهن کان ميڊيا تي خبر هلي ٿي، سينيٽ ۾ به ڳالهه ٻولهه ٿي پر اسان سڀ بي وس هئاسين، چپ رهياسين، اسان سڀ ان جا ذميوار آهيون.ان موقعي تي تعليم وارو صوبائي وزير نصيب الله مري احتجاج ڪندي ايوان مان نڪري ويو. (واقعي جو پسمنظر:)بلوچستان جي وزير سردار عبدالرحمان کيتران تي خانگي جيل ۾ قيل ڪرڻ جو الزام لڳائيندڙ عورت کي ان جي ٻن جوان پٽن سميت قتل ڪيو ويو آهي جن جا لاش بارکان جي کوهه مان مليا آهن.مقتولا گران ناز ڪجهه ڏينهن اڳ وڊيو ۾ قرآن پاڪ کڻي سردار کيتران تي کيس ۽ سندس ست ٻارن کي خانگي جيل ۾ قيد رکڻ جو الزام هنيو هو.سردار عبدالرحمان کيتران الزام رد ڪندي پنهنجي هڪ پُٽ انعام شاهه تي سازش جو الزام مڙهيو هو.هن جو چوڻ هو ته انعام شاهه ئي عورت جو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي، اهو سردار بڻجڻ چاهي ٿو، خانگي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه دوارن سردار کيتران چيو ته جاچ ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيان پر استعيفيٰ نه ڏيندس.