بلوچستان واقعي تي پاڪستان ايران مان پنهنجو سفير واپس گهرايو، ايراني سفير کي واپس نه اچڻ جي هدايت

بلوچستان واقعي تي پاڪستان پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو آهي، جڏهن ته ايراني سفير کي به پاڪستان واپس نه اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان نيوز بريفنگ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ايران واقعي جي ردعمل ۾ پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير کي به چيو ويو آهي ته هو پاڪستان نه اچي پاڪستان ايران سان تمام اعليٰ سطحي مٽاسٽا کي معطل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. ان کان اڳ پاڪستان ايران طرفان پنهنجي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ايراني پرڏيهي وزير کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان ايران طرفان پنهنجي فضائي حدن جي بلا اشتعال ڀڃڪڙي جي سخت مذمت ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 معصوم ٻارڙا شهيد ۽ 3 ڇوڪريون زخمي ٿي پيون، پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ترجمان جو چوڻ هو ته ان جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا، اها ڳالهه اڃا به وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ رابطي جا ڪيترائي چينل هجڻ باوجود هي غير قانوني عمل ٿيو آهي. واضح رهي ته ايران دعويٰ ڪئي هئي ته هن پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جيش العدل جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو هو.