وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئٽه پهچي ويو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، اسپيڪر بلوچستان اسيمبلي عبدالخالق اچڪزئي ۽ ٻين اختيارين وزيراعظم شهباز شريف جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير احسن اقبال، محسن نقوي، ڄام ڪمال به وزيراعظم سان گڏ ڪوئٽه پهتا آهن، وزيراعظم اڄ ڪوئٽه ۾ امن امان بابت خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندو جنهن ۾ آرمي چيف ۽ وفاقي وزيرن سميت اعليٰ سول ۽ عسڪري اختياريون به شريڪ ٿينديون. ان کان علاوه وزيراعظم ڪوئٽه ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت به ڪندو. ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ بلوچستان جي مختلف ضلعن م دهشتگردي جي واقعن ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته دهشتگردن جي خلاف آپريشن جي دوران 21 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 14 جوانن شهادت ماڻي هئي.