بلوچستان: ۾ بم ڌماڪا، ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا

اهي حملا هڪ اهڙي وقت ۾ ٿيا آهن جڏهن پاڪستان خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرد ڪارروايون وڌي ويون آهن، جڏهن کان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) گذريل سال نومبر ۾ حڪومت سان جنگ بندي جو اعلان ڪيو هو پنجگور جي ڊپٽي ڪمشنر موجب شرپسندن بالگوتر يونين ڪائونسل جي چيئرمين اشتياق يعقوب کي نشانو بڻائڻ لاءِ بارودي سرنگ لڳائي هئي سومر جي رات جڏهن هو شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪري واپس اچي رهيو هو ته شرپسندن ريموٽ سان بم ڌماڪو ڪري ڇڏيو. ڌماڪي ۾ اشتياق يعقوب سميت گاڏي ۾ سوار 7 ڄڻا مارجي ويا، اشتياق يعقوب جو تعلق بلوچستان عوامي پارٽي سان هو بلوچستان لبريشن آرمي ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي ذميواري قبولي ورتي آهي ڊپٽي ڪمشنر امجد سومرو جو چوڻ آهي ته گاڏي جيئن ئي بالگوتار جي علائقي چڪرا بازار وٽ پهتي ته بارودي سرنگهه جو ڌماڪو ٿيو هن چيو ته مارجي ويل سمورا ماڻهو اشتياق يعقوب جا مائٽ هئا اختيارين موجب ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو مارجي ويلن مان 4 جا منهن به سُڃاڻپ نه ٿي سگهيا ۽ وارثن کي انهن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي. واقعي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي واضح رهي ته اشتياق يعقوب جي پيءُ يعقوب بالاگوتري ۽ سندس 10 ساٿين کي به ساڳئي علائقي ۾ سيپٽمبر 2014ع ۾ قتل ڪيو ويو هو پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي پاڪستاني ميڊيا جي رپورٽن موجب سومر تي ٿيل بم ڌماڪي ۾ ساڳي تنظيم ملوث ٿي سگهي ٿي آپگهاتي حملي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويااتر وزيرستان ۾ هڪ ٻئي واقعي ۾ آپگهاتي حملي ۾ مڙس ۽ زال مارجي ويا. هڪ آپگهاتي بمبار پاڪستاني طالبان جي اڳوڻي مضبوط قلعي ۾ بارود سان ڀريل ڪار کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ويجھي ڪار ۾ ويٺل هڪ شادي شده جوڙو مارجي ويو مقامي حڪومتي اهلڪار جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملو افغانستان جي سرحد سان لڳ اتر وزيرستان ۾ ٿيو. هن چيو ته ڌماڪي جي وقت بم ڊسپوزل ٽيم موجود هئي پر حملي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو اسان کي شڪ آهي ته خودڪش بمبار حادثي سان يا وقت کان اڳ ڌماڪو ڪيو، پر ان ۾ هڪ مرد ۽ سندس زال ويجهن ڪار ۾ مارجي ويا هن چيو پاڪستان ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد حملن ۾ 6 فوجي مارجي ويا في الحال اهو واضح ناهي ته ڪار بم ڌماڪو ڪنهن ڪيو، پر ان ڪارروائي جو شڪ آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان، جنهن گذريل سال کان سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ اضافو ڪيو آهي لياري چيڪ پوسٽ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ رينجرز اهلڪار مارجي ويو ٻئي طرف ڪراچي جي هڪ سينيئر پوليس آفيسر جو چوڻ آهي ته لياري چيڪ پوسٽ تي چيڪنگ دوران ٻن هٿياربندن پيرا ملٽري رينجرز جي اهلڪار تي فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ 30 ورهين جو لانس نائيڪ دلشاد سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ڪراچي ۾ بم ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ڪيترائي زخمي گذريل ڪجهه مهينن دوران سڄي پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي ۽ دهشتگرد گروهن پاران حملا جاري آهن. 12 جولاءِ تي ژوب ۾ آرمي ڪيمپ تي حملي ۾ 9 فوجي مارجي ويا ۽ جوابي ڪارروائي ۾ 3 شدت پسند مارجي ويا.