بلوچ شاگرد بازيابي ڪيس: نگران وزيراعظم پيش نه ٿيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 28 فيبروري تي ٻيهر طلب ڪري ورتو

بلوچ شاگردن جي بازيابي واري ڪيس ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان طلب ڪرڻ جي باوجود ٻيون ڀيرو به پيش نه ٿيو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ۾ چيو آهي ته وزيراعظم ٻيون ڀيرو به نه آيو. نگران وزيراعظم کان پڇي وٺو، کيس انهي لاءِ گهرايو هو ڇو ته اهو جوابده آهي. سيڪريٽري دفاع، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي ايم آءِ سرڪاري ملازم آهن جيڪڏهن اهي ذميواري پوري نٿا ڪري سگهن ته کين عهدي تان هٽائڻ گهرجي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بلوچ شاگردن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، اٽارني جنرل منصور عثمان ۽ گهرو سيڪريٽري آفتاب دراني عدالت ۾ پيش ٿيا. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته جن تي الزام آهي انهن کي اداري جي ماڻهن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي ٿا ڇڏيون. اٽارني جنرل استدعا ڪئي ته نئين حڪومت ايندي انهن کي پاليسي ٺاهڻ جو وقت ڏئي ڇڏيو جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اهي ڇا چوندا ته ڇا جبري گمشدگيون ٿيڻ گهرجن. ڪجهه ادارن کي جيڪا ڇوٽ مليل آهي اها انهن کي نه ملڻ گهرجي. جسٽس محسن اختر ڪياني پڇاڻو ڪيو ته نگران وزيراعظم ڪٿي آهي؟ نگران وزير، دفاع جو سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ڪٿي آهن؟ منهنجي ڄاڻ موجب 8 گم ٿيل شاگرد اڃان تائين بازياب نه ٿيا آهن جسٽس محسن ڪياني چيو ته هر مهيني جي تاريخ ملائي 25 تاريخون ٿي چڪيون آهن. پنهنجن شهرين کي بازياب ڪرائڻ ۾ 2 سال لڳا. بازياب شهرين جي خلاف ڪوبه ڪيس رڪارڊ تي نه آهي. گم ٿيل ٻارن جون مائرون ڀينرون هونديون اهي کين ڳولي رهيون هونديون. هن چيو ته اسلام آباد مان بنا ايف آءِ آر شهري کي کڻي ويا. شهرين جي خلاف جهيڙي يا نارڪو ٽيڪس سميت ڪنهن به قسم جو ڪيس نه آهي. وزيراعظم، وزير ۽ سيڪريٽري ذميواري پوري نٿا ڪري سگهن ته کين عهدن تان هٽائڻ گهرجي جسٽس محسن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۾ جيڪي به آيا اهي گم ٿي ويلن جو مسئلو حل نٿا ڪري سگهن ڇا اهڙو ماحول ٺاهيو ويو جتي ايجنسيز جي سربراهن کي گهرائي ڪنفرنٽ ڪرايو ويو هجي؟ هن چيو ته صحافي اغوا ٿيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا فيصلا موجود آهن. دفاع جو سيڪريٽري ۽ ٻين مٿان هڪ هڪ ڪروڙ جو ڏنڊ لڳايو ويو اهي ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. ڇو نه ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ايم آءِ ۽ ڊي جي ايف آءِ اي تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي ڇڏيون؟ ٽنهي سربراهن کي گهرائي انهن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي هفتي اندر رپورٽ طلب ڪري ٿا وٺون جنهن کان پوءِ عدالت وزيراعظم کي 28 فيبروري تي ٽيون ڀيرو طلب ڪندي چيو ته وزيراعظم کي ٻڌائي ڇڏيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڪراچي نه وڃي عدالت ۾ پيش ٿئي. جڏهن ته گهرو وزير، دفاع وارو وزير، گهرو سيڪريٽري، دفاع واري سيڪريٽري آءِ جي اسلام آباد ۽ ايس ايس پي سي ٽي ڊي کي به ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيو ويو.