بلڙي شاهه ڪريم ويجھو ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 عورتون زخمي

بلڙي شاهه ڪريم ويجھو ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 2 عورتون شديد زخمي ٿي پيو آهن نڪرجي فارم وٽ ٽنڊو محمد خان سجاول قومي شاھراهه تي ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائڪل سوارن کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ جھرڪ شھر سان تعلق رکندڙ ڪولھي برادري جو ھڪ ڄڻو ڪيول ڪولھي فوت ٿي ويو، جڏھن ته 2 عورتون شديد زخمي ٿي پيون آهن، جن کي ٽنڊو محمد خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي پوليس ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ هو ته بلڙي شاهه ڪريم کان ٽنڊومحمد خان ويندڙ روڊ تي ڪمند جي سيزن اچڻ شرط حادثا معمول بڻجي ويا آهن، روڊ سنگل ۽ سوڙھو ھجڻ ڪري انساني جانين جو دشمن ٿي ويو آهي.