بلڙي شاهه ڪريم ۾ عورت مڙس جي تشدد خلاف روڊ تي نڪري آئي

جھوڪ شريف واسڻ ناري زينب زال غلام مصطفيٰ شاهه پنھنجي نياڻي سميت بلڙي شاهه ڪريم شھر جي شھيد بلو پنھور چوڪ تي پاڻ مٿان گاسليٽ ھاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ڏهن ته شھرين ۽ صحافين کيس بچائي ورتو ھن ميڊيا کي ٻڌايو ته مون تي منھنجو مڙس سيد غلام مصطفيٰ شاهه تشدد ڪندو آهي ۽ 2 معصوم ٻارڙا به کسي ورتا آهن ۽ منھنجي معصوم نياڻي کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آهي، مون سان انصاف نٿو ٿئي. جنھن ڪري مڙس جي ظلم کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ چاھيان ٿي. بيوس عورت جون شھر جي مين چوڪ تي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ماڻھن جا ھجوم گڏ ٿي ويا روڊ به بلاڪ ٿي ويو، جڏھن ته بعد ۾ بلڙي پوليس پھچي عورت کي انصاف جي خاطري ڪرائي ٿاڻي تي وٺي وئي