بوريوالا ۾ عورت جي ٿوري ڪوتاهي خاندان جي 4 ماڻهن کان حياتي کسي ورتي. ريسڪيو ذريعن موجب بوريوالا جي ڏوراهين علائقي عزيز آباد ۾ عورت گيس سلينڊر سان ڪمري جي اندر چلهو ٻاري رکيو هو، عورت کير گرم ڪرڻ لاءِ چلهو ٻاريو پر ان کي بند ڪرڻ وساري ويٺي جنهن سبب ڪمري ۾ باهه لڳي وئي جنهن پردن ۽ فرنيچر کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. ذريعن ٻڌايو آهي ته گهر ۾ باهه لڳڻ سبب 24 ورهين جو دانش رضا، انهي جو 2 سالن ۽ 6 مهينن جو پٽ سڙي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 22 ورهين جي سندس گهر واري ذڪيه بتول سخت زخمي ٿي پئي. ريسڪيو 1122 موجب گهر ۾ لڳل باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو، جڏهن ته متاثر عورت کي نشتر اسپتال ملتان ريفر ڪيو ويو پر عورت علاج دوران فوت ٿي وئي.