مظفر ڳڙهه: اينٽي ڪرپشن پنجاب اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار جي ڪابينا ميمبر عبدالحئي دستي جي مظفر ڳڙهه ۾ گهر تي ڪارروائي ڪئي آهي.ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب سهيل ظفر چٺا موجب اڳوڻي صلاحڪار عبدالحئي دستي جي گهر مان 12 ڪروڙ رپين جي ڪرنسي برآمد ٿي آهي.هن ٻڌايو ته اها رقم مختلف منصوبن ۾ ڪميشن طور ورتي وئي هئي، برآمد رقم ۾ 14 لک درهم به شامل آهن.سندس چوڻ هو ته اڳوڻي صلاحڪار جي گهران نوٽ ڳڻڻ واري مشين به هٿ آئي، مظفر ڳڙهه ۾ ڇاپي دوران جوابدار جي گرفتاري نه ٿي سگهي.