ڪوئٽه: بولان ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري ٽرڪ ويجهو ڌماڪي سبب 9 اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب بلوچستان ڪانسٽيبلري جا اهلڪار سبي ميلي مان ڊيوٽي کان پوءِ ڪوئٽه واپس اچي رهيا هئا. ڌماڪي ۾ 9 اهلڪار زخمي به ٿيا آهن.پوليس موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن کي سي ايم ايڇ سبي منتقل ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان ايس ايس پي محمود نوتيزئي چيو آهي ته شروعاتي شاهدين موجب بولان ڌماڪو خودڪش هو، ڌماڪي کان پوءِ بم ڊسپوزل ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي ۽ ڌماڪي کان پوءِ علائقي کي سرچ ڪيو پيو وڃي.بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو بلوچستان ڪانسٽيبلري جي گاڏي ويجهو بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بزدلاڻين ڪاررواين سان پنهنجن ناپاڪ ارادن کي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. بدامني ۽ عدم استحڪام پيدا ڪري صوبي کي پوئتي رکڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اهڙين سمورين سازشن کي عوام جي حمايت سان ناڪام بنايو ويندو.هوڏانهن وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله به بولان ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته سموري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورس سان گڏ بيٺل آهي. وفاقي گهرو وزير حملي جي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.