اسلام آباد جي عدالت غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ يا نه هجڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج قدرت الله پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا عدالت ۾ پيش ٿي حاضري لڳرائي جڏهن ته خاور مانيڪا جو وڪيل رضوان عباسي به عدالت ۾ پيش ٿيو درخواستگذار جي وڪيل رضوان عباسي چيو ته عدالت ۾ 2 گواهه پيش ٿيا. هڪ واقعي کي اکين سان ڏٺو ۽ ٻين کي ٻڌايو. جنهن تي جج چيو ته اوهان قانون ڏسو، قانون ڇا چوي ٿو، قانون موجب اهڙي معاملي تي شڪايت ڪندڙن سان گڏ 2 گواهه هجڻ ضروري آهن. قانون ۾ سموريون شرطون پوريون هجڻ ضروري آهن جج چيو ته قانون ۾ چٽو لکيل آهي جنهن کي اسان تبديل نٿا ڪري سگهون. فيصلي جي تڏهن ضرورت هوندي آهي جڏهن قانون چٽو نه هجي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته منهجا دليل ٻڌي وٺو مان دليل ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، مون کي سپريم ڪورٽ وڃڻو آهي. دليل هن وقت ٻڌي وٺو، گهر ۾ عورت نوڪرياڻي به هئي، جيڪا ٽرائيل ۾ بطور گواهه شامل ٿي سگهي ٿي جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ڪجهه دير جي لاءِ وقفو ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌڻي شروع ٿي ته جج چيو ته خاور مانيڪا جو بيان اوهان ڏسي وٺو، ڪجهه به نه آهي هن بيان ۾. قانون موجب شڪايت ڪندڙ سان گڏ 2 گواهه لازمي آهن ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي جنهن تي جج چيو ته خاور مانيڪا کي اڌ شڪايت ڪندڙ ۽ اڌ گواهه ته نٿا بنائي سگهون. جنهن تي وڪيل چيو ته نڪاح پڙهائيندڙ به موجود آهي. اکين ڏٺو گواهه به ۽ ٻڌندڙ به عدالت ۾ موجود آهن جنهن کان پوءِ عدالت غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ يا نه هجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.