بي ايماني سان آيل شخص ملڪ جا بنياد لوڏي ڇڏيا هئا: نوازشريف

) مسلم ليگ(ن) جي صدر ميان نوازشريف چيو آهي ته بي ايماني سان آيل شخص ملڪ جا بنياد لوڏي ڇڏيا هئا. پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر نوازشريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي. نوازشريف اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهيون ڪندي چيو ته زوال جو رخ  ترقي طرف موڙي ڇڏيو آهي، معاشي اشارن جي بهتري پاڪستان جي بهتري آهي، معيشت ۾ بهتري آڻي هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان کي ترقي جي رستي تي آڻي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاليسي ريٽ ۾ 22 کان 12 سيڪڙو گهٽتائي سان معاشي سرگرميون وڌي رهيون آهن ۽ معيشت کي فائدو ٿي رهيو آهي. روپيو مستحڪم ٿيو ۽ گروٿ وڌي رهيو آهي، جڏهن ته اسٽاڪ ايڪسچيج ۾ رڪارڊ بهتري اچڻ سبب مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي. نوازشريف چيو ته بي ايماني سان آيل شخص ملڪ جا بنياد لوڏي ڇڏيا هئا، پر اسان پاڪستان خاطر کلندي قربانيون ڏنيون ۽ اڳيان به اهڙيون قربانيون ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين. هن چيو ته شهباز شريف جي محنت رنگ آڻي رهي آهي، عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) به معاشي بحالي ۽ پاڪستان جو ترقي جي رستي طرف وڌڻ جو اعتراف ڪيو آهي. پنجاب جون رونقون ۽ خوشيون بحال ٿي رهيون آهن. رب جو ٿورو ادا ڪريون ٿا ته پاڪستان اونداهين مان ٻاهر اچي رهيو آهي مسلم ليگ(ن) ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته اسان ملڪ جي خدمت ڪندا آهيون ۽ عوام کي به رليف ڏيندا آهيون.