بڊاڻي ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي ڪيترائي گهر ڪري پيا برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري

ڪنڌڪوٽ : بڊاڻي ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي ڪيترائي گهر ڪري پيا برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڳوٺاڻن جو احتجاج انتظاميا اگهور ننڊ ستل بڊاڻي ۾ ٽن ڏينهن واري برسات تباهي مچائي ڇڏي ڪيترن ڳوٺن ۽ علائقي ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آھي ڳوٺ ميوو ڀٽو ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڳوٺاڻن جو احتجاج ان موقعي تي هارف ڀٽو بلند, مرتضئ, عمران, عبدالشڪور, شھبان, ياسين, حاجي سوڍو, راڻو ڀٽو, ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته 3 ڏينهن واري برسات سبب اسان جي ڳوٺ ۾ پاڻي بيهجي ويو آھي ٻھ ڏينهن گزرڻ باوجود انتظاميا برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ڪي به قدم ناهن کنيان اسان جي ڳوٺ ۾ ٻھ فوٽ پاڻي بيٺل آھي پاڻي بيهڻ ڪري ڪيترن گهر کي نقصان رسيو آھي برسات سبب اسان جي ڳوٺ ۾ ڪيترائي گهر ۽ ديوارون به ڪري پيون آھن ۽ ڳوٺ واسي کليل آسمان ھيٺ بي يارو مدد گار ويٺل آھن هنن چيو ته سنڌ سرڪار برسات جي تباه ڪارين لاء ٽيمون جوڙيون هيو پر اهي صرف ڳالهين تائين محدود بڻيل آھن ضلعي پر انتظاميا هن وقت تائين ڪا به سار ڪون لڌي آھي اسين ڊي سي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ کي اپيل ڪيون ٿا ته ڳوٺ جو پاڻي ڪڍرائي اسان کي رهڻ لاء تمبون ڏئي اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي