پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي تحريڪ انصاف طرفان پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ انٽرا پارٽي چونڊن کي چيلينج ڪندڙ درخواستگذارن کي به ڌر بنايو ويو آهي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن کي چيلينج ڪندڙ پارٽي جا ميمبر ئي نه آهن ان باوجود اليڪشن ڪميشن چونڊ نشان بيٽ به واپس وٺي ڇڏيو آهي درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي طريقي تي فيصلي جو اختيار نه آهي ان ڪري تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ نشان بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي تحريڪ انصاف عدالت کان سينئر ججز تي ٻڌل بينچ ٺاهڻ ۽ درخواست اڄ ئي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان انٽرا پارٽي چونڊون پارٽي آئين موجب نه ڪرائڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان واپس وٺي ڇڏيو هو.