تحريڪ انصاف تي پابندي: پ پ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس طلب ڪري ورتو

 تحريڪ انصاف تي حڪومت طرفان امڪاني پابنديون لڳائڻ جي حوالي سان پيپلز پارٽي اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اجلاس پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ ٿيندو.  بلاول ڀٽو پرڏيهه ۾ هجڻ سبب وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جڏهن ته مرڪزي ۽ صوبائي قيادت به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندي. اجلاس ۾ حڪومتي اتحادي پارٽي(ن) ليگ طرفان پي ٽي آءِ تي پابندي جي حوالي سان راءِ ورتي ويندي ۽ پوءِ ان جي بنياد تي پابندي جي حوالي سان حڪومتي فيصلي جي حمايت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته پيپلز پارٽي جا ڪيترائي اڳواڻ اڳ ئي  پي ٽي آءِ تي پابندي جي حق ۾ نه آهن جنهن جي ڪري پ پ طرفان اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.