تحريڪ انصاف جو شاهه محمود قريشي کي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اپوزيشن ليڊر جي نامزدگي لاءِ قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي خط لکي ڇڏيو.خط ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ سڀ کان وڏي جماعت بڻجي وئي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان شاهه محمود قريشي کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ جي منظوري ڏني آهي، تنهن ڪري قومي اسيمبلي اسپيڪر نئون اپوزيشن ليڊر تحريڪ انصاف جو نامزد اميدوار بڻائي.ياد رهي ته 23 فيبروري تي عمران خان جي صدارت هيٺ سينئر قيادت جي اجلاس ۾ پارٽي جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي قومي اسيمبلي ۾ واپسي تي مخالف ڌر اڳواڻ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.