توشه خانه ڪيس ۾ 3 سال قيد جي سزا ٻڌائڻ کان پوءِ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي زمان پارڪ مان گرفتار ڪيو ويو آهي ايس ايس پي سي آءِ اي ملڪ لياقت جي سربراهي ۾ پوليس ٽيم عمران خان کي گرفتار ڪيو. ان جي عمران خان سان گاڏي ۾ ويٺل تصوير به سامهون اچي وئي آهي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي موٽر وي لاهور تان اسلام آباد منتقل ڪيو پيو وڃي، کيس اڊيالا جيل ۾ قيد ڪيو ويندو ۽ هاءِ سيڪيورٽي زون ۾ لاڪ اپ ۾ رکيو ويندو ياد رهي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج همايون دلاور توشه خان ڪارروائي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.