اسلام آباد:پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي رينجرز گرفتار ڪري ورتو آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ سيف الله نيازي ٻڌايو ته رينجرز پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي. جڏهن ته رينجرز اهلڪار وڏي انگ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آهن.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن عمران خان هڪ فوجي آفيسر تي سخت تنقيد ڪئي هئي ۽ ان مان هن پنهنجي قتل جي سازش جو الزام هنيو هو.