تربت جي علائقي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 6 مزدور مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا آهن تفصيل موجب تعميراتي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ڪوارٽر ۾ ستل هئا ته نامعلوم ماڻهو موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي آيا ۽ فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا، فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 مزدور ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا آهن واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب تربت فائرنگ واقعي ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ رضوان، شهباز، وسيم، شفيق احمد، محمد نعيم ۽ سڪندر جي نالي سان ٿي آهي. جڏهن ته فائرنگ سبب زخمي ٿيلن ۾ غلام مصطفيٰ ۽ توحيد شامل آهن پوليس موجب مارجي ويل مزدورن جو تعلق پنجاب سان آهي، پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي ٻئي طرف بلوچستان جي نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي تربت ۾ بي گناهه مزدورن جي قتل جو نوٽيس وٺندي انتظاميه کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.نگران وڏي وزير چيو آهي ته هي واقعو مذمت جوڳو آهي بي گناهه مزدورن جي قتل تي دلي ڏک پهتو آهي واقعي جي سمورن رخن کان جاچ ڪري فوري طور تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي نگران وڏي وزير هدايت ڪئي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي کين گرفتار ڪيو وڃي.