ترڪيه جي روڊن تي ماڻهن کي سحري جي ٽائيم ٽي جاڳائڻ لاءِ گيت ڳائيندي دُهل وڄائيندڙ عورتن مٿان اتان جي عوام ناراضگي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سحري تي جاڳائڻ لاءِ دُهل وڄائيندڙ نظر ايندا آهن جيڪي عام طور تي مرد هوندا آهن، ترڪيه ۾ به اهائي روايت عام آهي پر هاڻ ترڪيه ۾ ڪيترن ئي سالن کان بينڊ لاءِ مقرر ڪيل عورتن اهو ڪم سنڀاليو آهي عرب ٽي وي جي رپورٽ موجب سحري لاءِ جاڳائيندڙ انهي عورتن جي بينڊ جو تعلق ترڪ رياست مارسين جي سامونڊي علائقي سان آهي. بينڊ ۾ شامل عورتون ڊائريڪٽوريٽ آف ڪلچرل افيئرز ۽ اردملي جي ميونسپلٽي جي نگراني هيٺ تربيت حاصل ڪري چڪيون آهن بينڊ جي گروپ ۾ شامل عورتون سحري وقت گڏجي گيت ڳائينديون آهن ۽ ان سان گڏ دُهل وڄائي ماڻهن کي جاڳائڻ جا فرض انجام ڏينديون آهن. ان حوالي سان ترڪيه جي عوام جو اهو چوڻ آهي ته دُهل وڄائي جاڳائڻ جو ڪم مردن جو آهي، عورتن لاءِ اهو ڪم مناسب نه آهي. جڏهن ته سوشل ميڊيا صارفين بينڊ جي عورتن جي حمايت ۾ پوسٽون به شيئر ڪيون آهن.