اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ترڪ عوام زلزلي ۾ پاڪستان جون خدمتون قيادت تائين ياد رکندو.اسلام آباد ۾ ترڪي ۽ شام جي زلزلي متاثرن کي ريسڪيو ڪندڙن ٽيم جي مان ۾ تقريب رکي وئي، جنهن ۾ وزيراعظم کي زلزلي متاثرن لاءِ امدادي سرگرمين تي بريفنگ ڏني وئي.شهباز شريف ريسڪيو ٽيم کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، پاڪستان ريسڪيو ٽيم پيشيواراڻي انداز ۾ خدمتون انجام ڏنيون، جيڪي ترڪ عوام قيامت تائين ياد رکندو.هن چيو ته ٽيم پنهنجي فرض جي ادائيگي سٺي انداز ۾ ڪندي پاڪ ترڪ دوستي جي لڄ رکي، ترڪي ۽ شام جي ڀائرن جي هر ممڪن مدد جاري رکنداسين.سندس چوڻ هو ته اسان معاشي ڏکيائين باوجود دوست ملڪ جي مدد ڪئي، ڪابينا هڪ مهيني جي پگهار، جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن ۽ سرڪاري ملازمن زلزلي متاثرن لاءِ عطيا ڏنا آهن.