انقره: ترڪيه جي پرڏيهي وزير Hakan Fidan پاڪستان ۽ ترڪيه جي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن بابت ڀارت جي بيچيني ۽ اعتراضن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.سنگاپور ۾ هڪ اهم ليڪچر دوران ڳالهائيندي حاقان فدان چيو ته پاڪستان سان ترڪيه جا ويجها ۽ دوستاڻا لاڳاپا ڀارت لاءِ ڪنهن به پريشاني جو سبب نه هئڻ گهرجن. هن واضح ڪيو ته ڀارت کي پاڪ-ترڪ دوستي کي پنهنجي خلاف ڪنهن دشمني يا منفي قدم طور نه ڏسڻ گهرجي.
ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته ترڪيه واحد ملڪ ناهي جنهن جا پاڪستان سان سٺا لاڳاپا آهن، دنيا جا ڪيترائي ٻيا ملڪ پڻ پاڪستان سان مثبت ۽ دوستانه لاڳاپا رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان سان سٺا لاڳاپا رکندڙ هر ملڪ تي ناراضگي ظاهر ڪري ٿو ته اهڙو رويو سمجهڻ مشڪل آهي.