تشدد وگهي فوت ٿيل نينگري جي قبرڪشائي

پنج ڏينهن اڳ پير اسد شاھ جي حويلي ۾ تشدد سبب قتل ٿيل ڏھ ورهين جي معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي اڄ قبرڪشائي مڪمل ڪري لاش جا جزا ورتا ويا جنهن کان پوءِ نينگري جي ٻيهر تدفين ڪئي وئي سيشن ڪورٽ خيرپور ۽ نوشهرو فيروز جي حڪم تي اڄ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ ڪنڊيارو سميت ميڊيڪل جي ٽيم ڳوٺ علي محمد ڦرڙو پهچي فاطمه ڦرڙو جي قبر ڪشائي ڪئي قبر ڪشائي لاءِ ٺاهيل بورڊ ۾ ميڊيڪل سپريڊنٽ پي ايم سي نوابشاهه فارنزڪ ماهر پي ايم سي نوابشاهه، پروفيسر آف پيٿالوجي ۽ سينيئر ڊي ايڇ او نوشهرو فيروز اسد علي ڪلهوڙو شامل هي
ميڊيڪل بورڊ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ڪنڊيارو جي نگراني ۾ قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا ويا. ميڊيڪل بورڊ جو چوڻ آهي ته لاش جا جزا فورينزڪ چڪاس لاءِ روهڙي ليبارٽري اماڻيا ويندا رپورٽ اچڻ کان پوءِ ٻارڙي جي موت جي ڪارڻن جي خبر پئجي سگهندي هوڏانهن نينگري فاطمه سان ظلم بابت هڪ ٻي ناريءَ جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو آهي وڊيو ۾ نينگري تانيا ڦرڙو چيو آهي ته حويلي مالڪياڻي فاطمه کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن سبب هوءَ بيمار ٿي پئي هئي، فاطمه پاڻي لاءِ تڙپندي هئي پر اسان کي هن کي پاڻي ڏيڻ کان روڪيو ويو حويليءَ جي مالڪياڻي اسان کي به مارڪٽ ڪندي هئي ياد رهي ته فاطمه تي تشدد جي الزام هيٺ حويليءَ جو مالڪ اسد شاهه گرفتار ٿيل آهي جڏهن ته سندس گهر واري حنا شاهه ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي