سڌ : سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪم ڪندڙ صحافين ۽ فنڪارن لاءِ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن جي تعبير آهي. هوءَ اڱاري ڏينهن هتي صحافين ۽ فنڪارن لاءِ هيلٿ ڪارڊ جي لانچ ۽ پاڪستان ڪوڊ، ڊجيٽل ريپوزٽري آف فيڊرل لاز جي موبائل ايپليڪيشن ۽ قانون واري وزارت پاران ويب پورٽل جي لانچ جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، قانون واري وزير نذير تارڙ، وزيراعظم جي اقتصادي ۽ توانائي بابت ڪوآرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني، ميمبر قومي اسيمبلي مهناز عزيز، سيڪريٽري اطلاعات، پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ صحافين ۽ فنڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته اڄ هڪ اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي جڏهن وزيراعظم جي هدايتن تي ڪم ڪندڙ صحافين ۽ فنڪارن لاءِ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن هن چيو ته هڪ هفتو اڳ اطلاعات واري وزارت ۽ اسٽيٽ لائيف جي وچ ۾ هيلٿ انشورنس لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي تقريب ٿي هئي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف به شرڪت ڪئي هئي، اڄ هيلٿ انشورنس کي باضابطا طور تي جاري ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ طور وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تي اڄ عمل ٿي رهيو آهي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته قانون واري وزارت سمورا وفاقي قانون پاڪستان جي عوام لاءِ ايپليڪيشن ۽ ويب پورٽل جي صورت ۾ تيار ڪيا آهن، جنهن تي هو قانون واري وزارت کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير صحافين ۽ فنڪارن کي هيلٿ ڪارڊ فراهم ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪوششن تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر جا ٿورا مڃيا.