ـ تلهار ويجهو ڳوٺ مڇاري شاخ جي رهواسڻ شادي شده عورت ۽ 4 معصوم ٻارڙن جي ماءُ نُصرت چانگ ڊاڪٽر جي مبينه غفلت سبب فوت ٿي وئي. وارثن ميت کڻي تلهار ٿاڻي آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻي ڇڏيو ۽ ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. تفصيل موجب، فوتي عورت کي مٿي ۾ معمولي سور هو، جنهن ڪري کيس پيرولاشاري جي ڊاڪٽر يونس پٺاڻ وٽ وٺي ويا. وارثن حسينه چانگ ۽ زاهد چانگ ٻڌايو ته ڊاڪٽر طرفان انجيڪشن لڳائڻ کان پوءِ نصرت جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي. ڊاڪٽر کيس گهر وٺي وڃڻ جو چيو، پر عورت ڳوٺ واپس ويندي ئي رستي ۾ فوت ٿي وئي. وارثن الزام لڳايو ته ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن سبب سندن پيارو وجود کسي ويو. هنن ڊاڪٽر يونس پٺاڻ خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ کيس جيل موڪلڻ جو مطالبو ڪيو. احتجاج سبب علائقي ۾ تڻاؤ جي فضا ڇانيل آهي، جڏهن ته پوليس چيو آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.