تلهار ڀرسان راڄوخاناڻي تلهار روڊ تي خوفناڪ حادثو ٽريڪٽر ٽرالي 2 موٽر سائيڪلن مٿان چڙهي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 3 ڳڀرو نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 ڄڻا سخت ٿي پيا. فوتين ۾ 20 ورهين جو اسداللہ رستماڻي، 22 ورهين جو زين علي رستماڻي، 18/ورهين جو عرفان علي رستماڻي شامل آهن. زخمين ۾ فرحان رستماڻي ۽ ضامن رستماڻي شامل آهن. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. تلهار پوليس ٽريڪٽر ڊرائيور کي مڙسي ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي، نوجوان ڏيئي جا رهواسي آهن ۽ هڪ ئي خاندان جا فرد آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان ڳوٺ کان تلهار هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ آيا هئا ته واپس ڳوٺ ويندي حادثو پيش آيو آهي.