تنگواني ڪجھ ڏينهن اڳ بندوق کڻي ڊيوٽي تي ويندڙ فرض شناس استاد الله رکيو نندواڻي کان ڦر جي ڪوشش ، مزاحمت تي گوليون هڻي سخت زخمي ڪيو ويو، استاد الله رکيو نندواڻي ڪلسٽر اسڪول مير نصرالله خان بجاراڻي مان واپس اچي رهيو هو تہ ڪرمپور مگسي لنڪ روڊ هزارو شاخ وٽ ڌاڙيلن سندس مٿان حملو ڪري گوليون هڻي کيس مرڻينگ ڪري وڌو آخري اطلاعن موجب زخمي استاد زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس مڙهه گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو