تفصيل موجب تنگواڻي رات دير سان نامعلوم هٿيارن بندن پاران ڪاھ ڪري شاد محمد گجراڻي جي پيٽرول پمپ جي چوڪيدارن کي يرغمال بڻائي ڦر لٽ ڪري هٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا گجراڻي پيٽرول پمپ جي مالڪ شاد محمد گجراڻي ٻڌايو ته هڪ مهينو اڳ به هٿياربندن هٿيارن جي زور ڦر ڪري ويا هئا ۽ اڄ رات وري به هٿياربندن هٿيارن جي زور تي 2 لک روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪري ويا آهن
شاد محمد گجراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته تنگواڻي ۾ هاڻي ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي هٿياربندن طرفان سرعام ڦرون چوريون لٽمار ڪري رهيا آهن پر انتظاميا اگهور ننڊ م ستل آهي هن وڌيڪ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪندي چيو ته اسانجي ڦر ٿيل روڪ رقم موٽرسائيڪل ۽ ٻيو قيمتي سامان واپس ڪرايو وڃي ۽ تنگواڻي م امن امان قائم ڪرايو وڃي